ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي آسيا جي موت بابت اهم انڪشاف ٿيو آهي، جيڪو خودڪشي نه پر زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل قرار ڏنو ويو آهي، نجي ٽي وي رپورٽس موجب پوليس پهرين موت کي خودڪشي قرار ڏنو هو، پر پوسٽ مارٽم رپورٽ حقيقت کولي ڇڏي، هڪ ڏينهن اڳ ٻارڙي جو لاش گهر جي ڇت تان مليو هو، جتي وارثن چيو هو ته هُن پاڻ کي خودڪشي ڪئي آهي، پر پوليس جي زور ڀرڻ بعد پوسٽ مارٽم ٿيو جنهن کانپوءِ ڪيس جو رخ تبديل ٿي ويو، وومين ميڊيڪوليگل آفيسر جي جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ موجب ٻارڙي کي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڳلو دٻائڻ جا پڪا ثبوت مليا آهن ۽ وڌيڪ تحقيقات لاءِ سيمپلز حاصل ڪيا ويا آهن، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه موجب پوسٽ مارٽم دوران ننڍي عمر جي ٻارڙي سان زيادتي جا ثبوت مليا آهن، ٻارڙي کي رسي يا ڪنهن ٻي شئي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي.