اسرائيل غزا مان فلسطينين جو مڪمل خاتمو ڪرڻ چاهي ٿو: گڏيل قومون

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل غزا ۾ فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
گڏيل قومن جي انڪوائري ڪميشن پنهنجي تفصيلي رپورٽ ۾ لکيو ته آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي فوج گهرن، شيلٽرز ۽ محفوظ هنڌن تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون، ٻار ۽ پيرسن متاثر ٿيا.
رپورٽ موجب اسرائيلي وزيراعظم سميت اعليٰ اختيارين نه رڳو ان جارحيت جي حمايت ڪئي پر اڳتي وڌائڻ تي به زور ڏنو، اسرائيلي اختيارين جو مقصد غزا ۾ فلسطينين کي مڪمل طور ختم ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.