ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سارا عمير چيو آهي ته ماڻهو کيس ڪرينا ڪپور سان ڀيٽيندا آهن.
اداڪارا ويجهڙ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ميزبان جي مختلف سوالن سان گڏ پنهنجي ذاتي زندگي بابت به ڳالهايو.
ميزبان طرفان کائنس سوال ڪيو ويو ته ماڻهو چون ٿا توهان جي شڪل ڪرينا ڪپور جهڙي آهي؟
ان جي جواب ۾ سارا عمير چيو ته جڏهن مان شوبز انڊسٽري ۾ نئين، نئين آئي هيس، تڏهن کان ئي ماڻهو مون کي ”ڪرينا ڪپور جهڙي“ چوندا هئا.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته مون ٻڌو آهي ته دنيا ۾ هڪ چهري وارا 6 ماڻهو هوندا آهن، لڳي ٿو ته ڪرينا ڪپور جي ٻي هم شڪل مان آهيان.