دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر دبئي ۾ پريڪٽس دوران پاڪستاني نيٽ بالر سان رابطا ڪرڻ ۽ گڏجي تصويرون ڪڍائڻ کان به هٻڪ محسوس ڪرڻ لڳا.
ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي ڪپتان سورَيا ڪمار يادو جي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سان هٿ ملائڻ واري تصوير وائرل ٿي، جنهن تي ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سخت ردعمل ڏنو.
دبئيءَ جي آءِ سي سي اڪيڊمي ۾ ڀارتي ٽيم جي پريڪٽس لاءِ گڏيل عرب امارتن ۾ مختلف ڪلبن طرفان کيڏندڙ رانديگر بالنگ ڪرائڻ ايندا آهن، انهن مٿان ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته پنهنجي سمارٽ فون سان رانديگرن جون تصويرون نه ڪڍن.
دبئي ۾ ڀارتي ٽيم مئنيجمينٽ طرفان نه رڳو نيٽ بالرن جي سمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پر پريڪٽس ڪرائڻ ايندڙ رانديگرن جا سمارٽ فونز به قبضي ۾ ورتا ويندا آهن، جڏهن ٽيم پريڪٽس ختم ڪندي آهي ته سامان پيڪ ڪرڻ کانپوءِ نيٽ بالر کي فون واپس ڪيا ويندا آهن.
ذريعن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پاڪستاني نيٽ بالرن سان ڪنهن به قسم جي تصوير يا دوستاڻي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪن.
آءِ سي سي اڪيڊمي جي ذريعن موجب، نيٽ سيشن ۾ مختلف ملڪن جا بالر شامل هوندا آهن، جن ۾ پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ڀارت جا رانديگر شامل آهن ۽ ماضي ۾ گڏجي تصويرون ڪڍرائڻ عام ڳالهه رهي آهي.
گذريل چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستاني نيٽ بالر ويرات ڪوهلي ۽ ٻين ڀارتي رانديگرن سان گڏ تصويرون به ڪڍيون هيون، پر هاڻي ڀارتي بورڊ جي دٻاءَ هيٺ رانديگرن جو رويو بدلجي ويو آهي.
ڪرڪيٽ مبصرن جو چوڻ آهي ته سياسي دٻاءُ ۽ ”جنگي جنون“ ڀارتي رانديگرن جي آزادي سان پريڪٽس ۽ دوستاڻي لڳ لڳاپي کي محدود ڪري ڇڏيو آهي.ا
سياسي دٻاءُ ۽ جنگي جنون، ڀارتي ڪرڪيٽر پاڪستاني نيٽ بالرن سان تصويرن ڪڍائڻ کان به لنوائڻ لڳا
You might also like