فيض حميد خلاف تيزي سان ڪارروائي، شاهديون پيش

اسلام آباد / لاهور / ڊي جي خان (فخر دراني) اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد جي ڪورٽ مارشل ڪيس ۾ تيزي سان ڪارروائي ٿي رهي آهي. گذريل هفتي ٽي مڪمل ڏينهن ٻڌڻيون ٿيون، جن ۾ صبح کان شام تائين ڪارروائي جاري رهي. پراسيڪيوشن طرفان 20 کان وڌيڪ شاهديون پيش ٿيون، جڏهن ته دفاعي وڪيل ڪراس ايگزيمنيشـن ۾ مصروف آهن. جنرل فيض تي اهم الزامن ۾ آفیشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، ٽاپ سٽي ڪيس ۽ رٽائرمنٽ بعد سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شامل آهن. دفاعي وڪيلن جو چوڻ آهي ته شايد وڌيڪ 4 کان 6 ٻڌڻيون گهربل هونديون. ٻئي پاسي عليما خان جي بيان مطابق، اڳوڻي وزيراعظم کي توشه خانا 2 ڪيس ۾ جلد سزا ٻڌائي سگھجي ٿي، ڇو ته ڪيس تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. هوڏانهن اسٽيٽ بئنڪ جي نون انگن موجب، فروري 2024 کان جون 2025 تائين شهباز شريف حڪومت 13078 ارب رپين جا قرض کنيا، جنهن ۾ 11796 ارب گهريلو ۽ 1200 ارب ٻاهريان قرض شامل آهن. اهڙي طرح وفاقي قرض 64810 ارب مان وڌي 77888 ارب رپيا ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ڊيرا غازي خان جي سخي سرور واري علائقي ۾ برساتي ٻوڏ کان پوءِ مقامي ماڻهن کي 400–500 قديمي سڪا هٿ آيا. اهي سڪا مغل، سڌلوغ، سکن، ڪنشڪا، لوڌي، دراني، نادر شاهه، بهادر شاهه ظفر، برطانوي ۽ عرب دور سان لاڳاپيل آهن. مقامي ماڻهن اهي سڪا ڊپٽي ڪمشنر حوالي ڪري ڇڏيا، جڏهن ته حڪومت طرفان کين تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو16 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.