ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سياسي مخالفن حب ڪينال ۽ شاهراهه ڀٽو بابت منفي پروپيگنڊا ڪئي، جڏهن ته تازين برساتن ۾ حب ڪينال جو صرف ويهه ميٽر حصو متاثر ٿيو هو، جنهن جي هنگامي بنيادن تي 48 ڪلاڪن اندر مرمت ڪئي وئي ۽ ڪالهه شام کان هتي پاڻي جو وهڪرو به بحال ٿي ويو، شهر ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ٻٽو معيار نه هئڻ گهرجي. شهر ۾ اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته ڪم نٿا ٿين، شاهراهه ڀٽو جي افتتاح جي فوري بعد پروپيگنڊا شروع ٿي ويو، جڏهن ته ان جا پهريون ۽ ٻيو مرحلا مڪمل طور تي ٺيڪ ڪم ڪري رهيا آهن، ۽ ٽيون فيز جيڪو قائدآباد کان ڪاٺوڙ تائين آهي ۽ جتي ننڍڙو حصو برساتن سان متاثر ٿيو، اهو به 31 ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سٽي ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، جمن دروان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته جلالپور پيروالا ڪراچي يا سنڌ ۾ ناهي جو ان جي موٽر وي وهجي وڃي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اهو هتي هجي ها ته منعم ظفر، سيف الدين ايڊووڪيٽ تائين پريس ڪانفرنس ڪري چڪا هجن ها.هن چيو ته جماعت اسلامي وارا وڙهڻ چاهين ٿا ته وڙهن پر پنهنجي حدن ۾ رهي. ايم ڪيو ايم وارا وفاقي حڪومت کان پئسا وٺي رهيا آهن، اهي پئسا به شهر جي بهتري تي خرچ ٿيڻ گهرجن. هن سيويريج ۽ برساتي نالن جي منصوبن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پهلوان ڳوٺ ۽ اسڪيم 33 ۾ لائينن جي مرمت ڪئي وئي آهي ۽ روڊن جي تعمير سان گڏ نالا به ٺاهيا پيا وڃن.