ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ،وسيب ۾ دردن جو واهيرو، لکين ماڻهو نڌڻڪائي جو شڪار

لاهور/ملتان (بيورو رپورٽ/م ڊ) پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين جو سلسلو جاري آهي، جتي دريائن ڏکڻ پنجاب ۾ به شديد تباهي مچائي ڇڏي آهي. جلال پور پيروالا ڀرسان ملتان-سکر موٽروِي (M-5) جو هڪ حصو ٻوڏ جي پاڻي سان وهي ويو، جنهن بعد موٽروِي کي آمدرفت لاءِ بند ڪيو ويو آهي. پنجاب جي پرووينشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب، هن وقت تائين 47 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 104 شهرين جي فوتگي  پڻ رپورٽ ٿي آهي. ٻوڏ جي سبب 4700 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا آهن. رپورٽن مطابق چناب ۽ ستلج ۾ چاڙهه سبب 80 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جتان80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين ڦاٿل آهن. شجاع آباد ۾ چناب جي ٻوڏ سبب وڌيڪ 15 ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويا جڏهن ته 17 ڳوٺن کي جزوي نقصان ٿيو. 4000 کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي. ستلج جي وهڪري سبب  موٽروِي جو هڪ حصو وهڪري ۾ وهي ويو.  مظفر ڳڙهه ۾ پاڻي گهٽجڻ باوجود ڪيترائي علائقا اڃا پاڻي هيٺ آهن، جتي 30,000 کان وڌيڪ ماڻهو بي گهرآهن ۽ 2000 کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا آهن. لياقت پور ۽ چشتيان جي ڪيترن ئي وسندين ۾ ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. اچ شريف جا 25 ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا جتي زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي. سنڌ ڏانهن ويندڙ دريائي وهڪرو ڪوٽ مٺڻ وٽ 6 لک ڪيوسڪ تائين پهچي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.