نئين حب ڪينال جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل جواستعمال

حب (رپورٽر) حب ڪئنال جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته نئين حب ڪينال جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيو، نجي ٽي وي رپورٽس موجب تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب نئين حب ڪئنال کي سخت نقصان پهتو آهي، جڏهن ته مهينو اڳ 12 ارب رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل ڪئنال وهي پيو، برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن 20 ڪلوميٽر ڊگهي حب ڪئنال کي متاثر ڪيو، رپورٽ موجب جيڪڏهن تعمير ۾ مضبوط سرئي جو استعمال ٿئي ها ته ڪينال نه وهي ها، ذريعن موجب حب  ڪئنال جي متاثر ٿيڻ بابت ۽ ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.