ڪراچي (رپورٽر) مڙس جي روين کان دل برداشته ٿي ليڊي ڊاڪٽر خودڪشي ڪري ڇڏي، ڪراچي جي اسڪائوٽ ڪالوني ۾ ڊاڪٽرياڻي مشال، جنهن ڪجهه سال اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي، مڙس جي رويي کان تنگ ٿي نالي ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب ڊاڪٽر مشال جو لاش اڃا تائين نه ملي سگهيو ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ڊاڪٽر مشال جو واسطو گلگت بلتستان سان هو ۽ هوءَ پنهنجي مڙس حسنين سان گڏ رهائش پذير هئي، جيڪو ٻي شادي جي خواهش رکندڙ هو، جنهن سبب ٻنهي ۾ تڪرار رهندو هو، پوليس ٻڌايو ته ڊاڪٽر مشال مڙس جي روين کان دلبرداشته ٿي نالي ۾ ٽپو ڏنو، هاڻ لاش ملڻ کان پوءِ وڌيڪ جاچ ممڪن ٿي سگهندي.