اسلام آباد/هيوسٽن(آفاق فاروقي)سانا جي اڳواڻ جميل دائودي چيو آهي ته مون 1988ع ۾ سانا ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان وقت نيويارڪ ۾ ڪنوينشن ٿيو هو. آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ گڏجي لڳ ڀڳ هڪ لک جيترا سنڌي رهندا آهن. انهن ۾ گهڻا پاڪستان مان لڏي آيل آهن. ساَنا جو بنيادي مقصد سماجي ۽ ثقافتي آهي، پر سياسي شعور ۽ ايڊووڪيٽ ڪرڻ جو ڪم به ڪندي رهي آهي،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته .اسان گڏيل قومن کان وٺي مختلف فورمز تي آواز اٿاريو آهي. تازو ڪئنالن جي اشو تي اسان احتجاج ڪيو، جنهن ۾ مختلف قوميتن ۽ پارٽين جا ماڻهو شرڪت لاءِ آيا. اسان هر قسم جي سياسي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين خلاف ڳالهائيندا آهيون،هن چيو ته هاڻي پاڪستان ۾ نون صوبن جي بحث تي اسان جو موقف آهي ته سنڌ هڪ تاريخي وحدت آهي. ان کي لسانيت يا سياست جي بنياد تي ورهائڻ قومي سلامتي ۽ عوام جي مفاد ۾ نه آهي. سنڌ اڳ به هڪ يونٽ طور هئي، ۽ اسان ان کي ورهائڻ جي ڪوشش جي مخالفت ڪندا آهيون،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ 17–18 سال کان حڪومت آهي، پر اسان جو خيال آهي ته گورننس بلڪل ڪمزور رهي آهي. ڪرپشن وڌي وئي، تعليم تباهه ٿي وئي، ۽ انتظامي نااهلي ظاهر آهي،هن چيو ته اسان ڪنهن پارٽي جو بائيڪاٽ نٿا ڪريون، پر هاڻي اسان پيپلز پارٽي جي نمائندن کي ڪنوينشن ۾ گهڻو نه سڏيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان انهن جي طرزِ حڪومت کان مطمئن ناهيون.هن چيو ته سانا ۾ به ڪجهه ماڻهو وڌيڪ قومي سوچ وارا آهن، ڪجهه لبرل، ۽ ڪجهه پاڪستان جا حمايتي. پر سَانا جي خوبي اها آهي ته اها ڊيموڪريٽڪ تنظيم آهي، هر ٻن سالن ۾ چونڊون ٿين ٿيون، جنهن ۾ هر ڪو حصو وٺي سگهي ٿو. اختلاف باوجود سڀ گڏجي ڪم ڪن ٿا،هن چيو ته سچ اهو آهي ته سنڌ جي بدحالي لاءِ وڏي ذميواري پيپلز پارٽي تي اچي ٿي. 15 سالن کان حڪومت باوجود تعليم، صحت، ۽ گورننس جي حالت بهتر ٿيڻ بدران بگڙندي وئي آهي. ڪرپشن ۽ سياسي انجنيئرنگ سبب سنڌ جي عوام کي پنهنجا اصل حق ناهن ملي سگهيا.