آمريڪا مسلمانن جو قتل عام ڪرائي رهيو آهي: حافظ نعيم

ڪوالالمپور (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته صرف آخري پيغمبر حضرت محمد ﷺ جو آندل نظام ئي دنيا کي ڏڦيڙ کان بچائي سگهي ٿو، مسلمان دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن پر آمريڪا اسلام جي دشمني ۾ هر هنڌ مسلمانن جي قتل عام جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ملائيشيا ۾ سيرت النبي (ص) ڪانفرنس کي خطاب ۽ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته جنگ، تڪرار ۽ خونريزي کان انسانيت کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته هتي الله جي مرضي جو نظام قائم ڪيو وڃي، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي فلسطين ۽ ڪشمير سميت دنيا جي مظلوم مسلمانن جي مدد لاءِ جماعت اسلامي جي مدد ڪرڻ گهرجي، ٽرمپ هر هنڌ جنگيون ختم ڪرڻ جو دعويٰ ڪري رهيو آهي پر ساڳئي آمريڪا اسرائيل کي فلسطين ۾ نسل ڪشي جو لائسنس ڏنو آهي ۽ ايران تي بغير ڪنهن جواز جي حملو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.