عثمان واهلا معطل، ميچ ريفري کي هٽائڻ جو مطالبو،” مون لاءِ پاڪستان جي عزت کان وڌيڪ ڪجهه به اهم ناهي“ نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي واضح ڪيو آهي ته مون لاءِ پاڪستان جي عزت ۽ وقار کان وڌيڪ ڪجهه به اهم ناهي.
ذريعن موجب، پي سي بي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ عثمان واھلا کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. کيس انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کي دير سان خط موڪلڻ سبب برطرف ڪيو ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ وڌيڪ ڪا به ميچ نه کيڏندو.
ان حوالي سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي بيان جاري ڪيو آهي ته پي سي بي آءِ سي سي کي باظابطا شڪايت ڪئي آهي، ڇو ته ميچ ريفري ڪرڪيٽ جي اسپرٽ جي ابتڙ قدم کنيا آهن.
گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ دوران پيش آيل واقعي تي پي سي بي آءِ سي سي ۽ ايم سي سي کي تفصيلي خط لکيو، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم جي اڻ وڻندڙ ورتاءَ ، قانونن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي باظابطا احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو.
ذريعن موجب، پاڪستان طرفان ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي ايشيا ڪپ مان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ميچ ريفري سلمان آغا کي ٽاس جي موقعي تي هٿ ملائڻ کان روڪيو، جيڪا سندس ذميوارين جي ڀڃڪڙي آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ميچ ريفري آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ ”اسپرٽ آف دي گيم“ جي ڀڃڪڙي ڪئي، جڏهن ته سندس رويو ايم سي سي جي قانونن جي به ابتڙ آهي، اِها تمام وڏي ڀڃڪڙي آهي، جنهن تي اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي ايشيا ڪپ لازمي طور هٽايو وڃي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اينڊي پاءِ ڪرافٽ اڳ ۾ پاڪستاني ميڊيا مئنيجر کي چيو هو ته ”اهي سڀ ڳالهيون رڪارڊ نه ٿيڻ گهرجن.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.