ايمان مزاري چيف جسٽس خلاف هراسمينٽ ڪميٽي ۾ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر سان ڏند چڪ جي معاملي تي ايمان مزاري چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف هراسمينٽ ڪميٽي ۾ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي.
ذريعن موجب جسٽس ثمن رفعت امتياز، جيڪا اسلام هاءِ ڪورٽ جي عورتن سان هراسمينٽ جي انڪوائري ڪميٽي جي سربراهه آهي، جي ڪورٽ ايسوسي ايٽ کي چيف جسٽس خلاف شڪايت وصول ڪرائي وئي آهي.
شڪايت ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف عورتن جي هراسمينٽ کان تحفظ جي ايڪٽ تحت انڪوائري ڪئي وڃي، پتو لڳايو وڃي ته چيف جسٽس، ايمان مزاري بابت جنسي ۽ ڌمڪي جوڳا ريمارڪس ڏنا.
جمع ڪرايل شڪايت ۾ ايمان مزاري طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته چيف جسٽس کي شڪايت ڪندڙ کي هراسان ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي.
وڌيڪ اپيل ڪئي وئي آهي ته چيف جسٽس خلاف هراسان ڪرڻ تي معاملو مجاز اٿارٽي سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.