راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي احتجاج سبب قاضي فائز عيسيٰ کي واڌ نه ملي، 4 آڪٽوبر جي احتجاج جي نتيجي ۾ اسان اهو هدف حاصل ڪيو.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني اهو ٽارگيٽ ڏنو هو ۽ چيو هو ته سڀني کي اچڻو آهي،
هن چيو ته شهيدن جي جنازن تي به سياست ڪئي ويندي آهي، ملڪ ۾ جمهوريت نه پر جعلي اسيمبليون قائم آهن، پارٽي ۾ ڌڙابنديون آهن پر اهي منهنجي ڪري ناهن، اسان کي ڪمزور ڪري ڌڙن ۾ ورهايو پيو وڃي.
You might also like