چنائي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڀارتي اداڪار ڌنوش جي هڪ ڳالهه انٽرنيٽ واهپيدارن کي تعجب ۽ شڪ ۾وڪوڙي ڇڏيو آهي.
فلم”اڊلي ڪڊائي“ جي آڊيو لانچ تقريب دوران فلم جي هدايتڪار ۽ مُک ڪردار ڌنوش، پنهنجي ٻالڪپڻ جو قصو ٻڌائيندي چيوته ”مونکي ننڍپڻ ۾ روزانو اڊلي کائڻ جي خواهش هوندي هئي، پر گهر جون مالي حالتون اجازت نه ڏينديون هيون، انڪري مونکي اڊلي خريدڻ لاءِ گل کپائڻا پوندا هئا.“
هن چيو ته ” مان، منهنجي ڀيڻ ۽ سوٽ صبح جو 4 وڳي اٿي 2 ڪلاڪن تائين پاڙي مان گل گڏ ڪندا هئاسين، پوءِ انهن جي مقدار موجب اسانکي پئسا ملندا هئا، جن مان مان روز اڊلي وٺندو هوس، اها خوشي اڄ جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي محسوس ٿيندي هئي.“
ڌنوش ٻڌايو ته هن فلم جو نالو به پنهنجي ان ئي ياد کي زنده رکڻ لاءِ ”اڊلي ڪڊائي“ رکيو آهي.
پر اداڪار جي ان ڳالهه تي انٽرنيٽ واهپيدارن شڪ ۾ پئجي ويا ۽ مختلف قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ آهي هو ته ڌنوش ته فلم ڊائريڪٽر ڪسٿوري راجا جو پٽ آهي، پوءِ آخر کيس اڊلي لاءِ گل ڇو کپائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
هڪ واهپيدار سوال اُٿاريو ته ”ڇا ڌنوش واقعي ننڍپڻ ۾ غريب هو؟ يا وري ڪسٿوري راجا پنهنجي پٽ کي پئسا نه ڏيندو هو؟“
ڪجهه واهپيدارن ڌنوش جي ڳالهه کي بلڪل ڪوڙ قرار ڏنو ۽ چيو ته ” هڪ هدايتڪار جو پٽ ڪيئن چئي سگهي ٿو ته هن وٽ اڊلي کائڻ لاءِ به پئسا نه هوندا هئا؟“
هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”جڏهن ڌنوش جي عمر 8 يا 9 سال هئي، تڏهن سندس پيءُ ڪسٿوري راجا اڳ ۾ ئي 4-5 فلمون ڊائريڪٽ ڪري چڪا هو، تنهنڪري پئسن جي اڻهوند واري ڳالهه درست نه ٿي لڳي.
ٻئي پاسي هڪ واهپيدارن ٺٺول ڪندي لکيو ته ” مون پاڻ هيٺئين، وچولي طبقي جي زندگي گذاري آهي، پر ڪڏهن به هڪ اڊلي جي پليٽ لاءِ پريشان نه ٿيو آهيان.“
You might also like