گريٽر اسرائيل جي ايجنڊا عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي: قطري امير

دوحا (ويب ڊيسڪ) عرب اسلامي هنگامي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني چيو آهي ته اسرائيل انسانيت خلاف ڏوهن ۾ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، گريٽر اسرائيل جي ايجنڊا عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي.
دوحا ۾ عرب اسلامي هنگامي سربراهي اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شريڪ آهن.
اجلاس کي خطاب ڪندي شيخ تميم بن حمدالثاني چيو ته اسرائيل هٿان فلسطينين جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، اسرائيل انسانيت خلاف ڏوهن ۾ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون، دوحا ۾ حملو وڏي جارحيت هئي ۽ اسرائيل قطر جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي ڪئي.
هن چيو ته قطر ٽياڪڙ طور خطي ۾ امن لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون ڪيون پر اسرائيل ڳالهين جو عمل متاثر ڪرڻ لاءِ حماس جي قيادت کي نشانو بڻايو، اسرائيل جون يرغمالين جي پرامن آزادي جون سموريون دعوائون ڪوڙيون آهن ۽ گريٽر اسرائيل جي ايجنڊا عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آهي، اسرائيل طرفان عالمي قانونن جي سنگين پامالي ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.