ڀارت جو ” راند جي روح سان کلواڙ“، آءِ سي سي سزا ڏيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ) 14 سيپٽمبر آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايشيا ڪپ جي ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي کليل بي ادبي جو مظاهرو ڪيو.
ميچ ۾ ڀارتي 7 وڪيٽن تان سوڀارو رهي، پر جيڪڏهن ڳالهه اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڪئي وڃي ته ڀارتي ٽيم پوائنٽس ٽيبل ۾ آخري نمبر تي نظر ايندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان هٿ ملايو هو، جنهن تي ڀارت ۾ کيس سخت تنقيد ۽ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو.
پر گذريل ڏينهن ميچ کان اڳ ٽاس جي موقعي تي يادو پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڳالهه تي ئي دنگ نه ڪيو پر ميچ کٽڻ کانپوءِ به ڀارتي رانديگرن پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ نه ملايو ۽ سڌو ڊريسنگ روم ڏانهن هليا ويا.
پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ڀارتي ڪئمپ تائين پهتا پر ڪو به ڀارتي رانديگر ٻاهر نه نڪتو.
پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ واري عمل تي ڇا ڀارتي ٽيم کي سزا ٿي سگهي ٿي؟ ضابطن موجب اهڙي صورتحال ۾ ڪرڪيٽ جا قانون ڇا ٿا چون هن رپورٽ ۾ اسان ان معاملي جو جائزو وٺنداسين.
انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل (آءِ سي سي ) جي ضابطن ۾ ”اسپرٽ آف ڪرڪٽ“ شامل آهي، جنهن موجب مخالف ٽيم جي ڪاميابي تي کين مبارڪباد ڏيڻ، ميچ جي پڄاڻي تي نتيجو ڪهڙو به هجي، امپائرن ۽ مخالف ٽيم جو شڪريو ادا ڪرڻ لازمي آهي.
آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي آرٽيڪل 2.1.1 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙو رويو جيڪو ”اسپرٽ آف دي گيم“ جي ابتڙ هجي، اهو ليول 1 جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو.
جيتوڻيڪ آءِ سي سي طرفان اڃا تائين ڪو باظابطا اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر ڀارتي رانديگرن جو هٿ نه ملائڻ وارو عمل ”اسپرٽ آف ڪرڪيٽ“ جي ڀڃڪڙي تصور ڪري سگهجي ٿو.
اهڙي صورت ۾ آءِ سي سي ڪپتان تي ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي، جڏهن اهڙن معاملن ۾ عام طور ڪو ڳرو ڏنڊ لاڳو نه ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.