سوشل ميڊيا اسٽار احمد شاهه جي ننڍي ڀاءُ عمر شاهه جي موت ڪارڻ سامهون اچي ويو

”پِيڇي تو ديکو“ذريعي رات پيٽ شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني ننڍڙو سوشل ميڊيا اسٽار احمد شاهه جو ننڍو ڀاءُ عمر شاهه لاڏاڻو ڪري ويو، سندس موت جو سبب به سامهون اچي ويو آهي.
سومر جي صبح احمد شاهه پنهنجي فيس بڪ اڪائونٽ تان مداحن کي افسوسناڪ خبر ڏني ته سندس ننڍو ڀاءُ پير عمر شاهه وفات ڪري ويو آهي.
وارثن موجب، عمر مڪمل طور تي ٺيڪ هو پر رات دير سان اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي ۽ کيس الٽيون ٿيون.
وارثن جو چوڻ هو ته الٽي سبب ڪا شيءِ سندس ساهه جي نالي ۾ هلي وئي، جنهن کانپوءِ کيس سول اسپتال آندو ويو، جتي هن فجر مهل دم ڌڻي حوالي ڪيو.
ياد رهي ته احمد شاهه جو ننڍو ڀاءُ عمر شاهه نجي ٽي وي چينل جي رمضان ٽرانسميشن ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ شرڪت ڪندو رهيو هو.
گذريل سال جولاءِ ۾ عمر شاهه جي اکين جي سرجري به ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.