”اسان ٺهي ويا آهيون، پنهنجو ڪيس واپس وٺان ٿي“سامعه حجاب جو عدالت ۾ بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽاڪر سامعه حجاب ۽ جوابدار حسن زاهد وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ سامعه حجاب کي اغوا ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سامعه حجاب عدالت ۾ بيان قلمبند ڪرايو.
جج عامر ضياءَ پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو معاملو حل ٿي ويو آهي؟ جنهن تي سامعه جواب ڏنو ته ”جي، اسان جو معاملو طئي ٿي ويو آهي.“
جج سوال ڪيو ته ڇا توهان ڪيس جي وڌيڪ پيروي ڪرڻ چاهيو ٿا؟ سامعه حجاب چيو ته ”مان پنهنجو ڪيس واپس وٺان ٿي ۽ مون کي جوابدار جي ضمانت ڏيڻ يا بري ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي.“
ان کانپوءِ عدالت جوابدار حسن زاهد جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس 20-20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ڏني وئي.
ياد رهي ته جوابدار حسن زاهد خلاف شاليمار ٿاڻي ۾ ٻه ڪيس داخل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.