افغانستان کي وڏو ڌڪ، اهم رانديگر ايشيا ڪپ مان ٻاهر

دبئي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ڇو ته فاسٽ بالر نوين الحق ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويا ويو آهي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، نوين الحق اڃا تائين ڪلهي جي انجري مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ناهي ڪري سگهيو، ميڊيڪل ٽيم کيس ايشيا ڪپ جي باقي ميچن لاءِ مڪمل فٽ قرار ناهي ڏنو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته نوين الحق مڪمل فٽنيس ۽ ري هيب لاءِ انگلينڊ ويندو، جنهن سبب هو ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ افغانستان هانگ ڪانگ کي 94 رنز تان شڪست ڏني هئي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، نوين الحق جي جاءِ تي فاسٽ بالر عبدالله احمد زئي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي گروپ بي ۾ موجود آهي، جتي هو پنهنجي ٻي ميچ سڀاڻي بنگلاديش خلاف کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.