دبئي (ويب ڊيسڪ) 14 سيپٽمبر آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ايشيا ڪپ جي ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي کليل بي ادبي جو مظاهرو ڪيو.
ميچ ۾ ڀارتي 7 وڪيٽن تان سوڀارو رهي، پر جيڪڏهن ڳالهه اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڪئي وڃي ته ڀارتي ٽيم پوائنٽس ٽيبل ۾ آخري نمبر تي نظر ايندي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي سان هٿ ملايو هو، جنهن تي ڀارت ۾ کيس سخت تنقيد ۽ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو.
پر گذريل ڏينهن ميچ کان اڳ ٽاس جي موقعي تي يادو پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڳالهه تي ئي دنگ نه ڪيو پر ميچ کٽڻ کانپوءِ به ڀارتي رانديگرن پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ نه ملايو ۽ سڌو ڊريسنگ روم ڏانهن هليا ويا.
پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ڀارتي ڪئمپ تائين پهتا پر ڪو به ڀارتي رانديگر ٻاهر نه نڪتو.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا جو انڪشاف ڪيو آهي ته ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادو کان پڇيو ويو ته هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اهو قدم پاڪستان کي واضح پيغام ڏيڻ لاءِ کنيو ويو ته هو پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرد حملي کي ذهن ۾ رکن، جڏهن ته ان دوران هن اِهو به چيو ته اهو سندس ذاتي خيال نه هو.
اين ڊي ٽي وي جي رپورٽ موجب، اصل ۾ هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ئي هو جنهن رانديگرن کي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ ملائڻ کان منع ڪيو.
رپورٽ ۾ ٽيليڪام ايشيا اسپورٽ جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ويو ته گمڀير مبينا طور ڀارتي رانديگرن کي صلاح ڏني ته هو پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائين ۽ مخالفن سان ڪنهن به قسم جي زباني جملي بازي کان به پاسو ڪن.
ڀارتي رانديگرن کي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ ملائڻ کان ڪنهن روڪيو؟ نالو سامهون اچي ويو
You might also like