دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستانا وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ ڀارتي ٽيم طرفان پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران مائيڪ هيسن چيو ته پاڪستاني رانديگر روايتي طور هٿ ملائڻ ذريعي راند جي جذبي کي برقرار رکڻ لاءِ تيار هئا پر مخالف ٽيم( ڀارت) ائين نه ڪيو.
هن چيو ظاهر آهي ته اسان راند جي پڄاڻي تي هٿ ملائڻ لاءِ تيار هئاسين، پر مايوسي ٿي ته اسان جي اپوزيشن ائين نه ڪيو. اسين هٿ ملائڻ لاءِ وياسين پر ڀارتي رانديگر اڳ ئي ڊريسنگ روم ڏانهن وڃي رهيا هئا.
مائيڪ هيسن چيو ته راند جي پڄاڻي جو اهو افسوسناڪ طريقو هو، جيتوڻيڪ اسان پنهنجي راند ،ام مطمئن نه هئاسين، تڏهن به اسان کي هٿ ملائڻ ۾ ڪو مسئلو نه هو.
ان کانسواءِ پاڪستاني اڪپتان سلمان علي آغا ۽ ڪوچ مائيڪ هيسن ڀارتي ڪئمپ تائين پهتا، پر ڪو به ڀارتي رانديگر ٻاهر نه آيو.
هيڊ ڪوچ پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا جي ميچ کانپوءِ پريزنٽيشن مان غير حاضري بابت به ڳالهايو ۽ ان عمل کي هٿ نه ملائڻ واري تڪرار سان ڳنڍيو.
هن چيو ته ظاهر آهي اها جذباتي ۽ مايوس ڪندڙ صورتحال هئي، اسان هٿ ملائڻ لاءِ تيار هئاسين پر ڀارتي ٽيم ائين نه ڪيو.
ياد رهي ته ڪرڪيٽ جي پراڻي روايت آهي ته ميچ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هڪٻئي سان هٿ ملائيندا آهن ۽ ٽاس کانپوءِ ڪپتان به پاڻ ۾ هٿ ملائيندا آهن، پر ڀارتي ٽيم هن ڀيري راند جي انهيءَ بنيادي روايت کي به وساري ڇڏيو.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ ڀارت هڪ طرفي مقابلي ۾ پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
You might also like