”ٻه ارب ماڻهن جون نظرون اسلامي سربراهي اجلاس تي کتل آهن، اسرائيل خلاف واضح روڊ ميپ نه ڏنو ته اِهو افسوسناڪ هوندو“

دوحا (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دنيا جي 2 ارب ماڻهن جون نظرون قطر ۾ ٿيندڙ عرب اسلامي سربراهي اجلاس تي کتل آهن، جيڪڏهن اسرائيل خلاف واضح روڊ ميپ نه ڏنو ته اهو افسوسناڪ هوندو.
نوَ سيپٽمبر تي اسرائيل طرفان قطر تي ڪيل حملي کانپوءِ عرب اسلامي سربراهي اجلاس اڄ قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ٿي رهيو آهي، اجلاس ۾ اسرائيلي حملي جي مذمت سان گڏ مستقبل ۾ اهڙن حملن کي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ تي به غور ڪيو ويندو.
وزيراعظم شهباز شريف به اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قطر ۽ علائقي جي ٻين ملڪن تي اسرائيلي حملن کي ناقابل قبول قرار ڏئي انهن جي سخت مذمت ڪئي هئي.
اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيران جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار اسرائيلي عزائم جي نگراني لاءِ عرب اسلامي ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي.
هاڻي نائب وزيراعظم عرب ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته 2 ارب ماڻهن جون نظرون هن اجلاس تي کتل آهن، جيڪڏهن رڳو سخت تقريرون ٿيون ۽ ڪو واضح روڊ ميپ نه ڏنو ويو ته اهو افسوسناڪ هوندو. 2 ارب ماڻهو هن سمٽ مان نڪرندڙ نتيجن جا منتظر آهن.
اسحاق ڊار کان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ايٽمي طاقت بطور هن معاملي تي ڪٿي بيٺو آهي؟ جنهن جي جواب هن چيو ته پاڪستان بنا شڪ شهبي جي اسلامي دنيا سان گڏ بيهندو ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائيندو.
دوحا ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪي جي پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي وزيران اُمت مسلمه جي گڏيل موقف لاءِ او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪردار تي زور ڏنو.
اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، مصري هم منصب بدر عبداللطيف، ملائيشيا جي پرڏيهي وزير محمد حسن ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار توحيد حسين سان به ملاقات ڪئي ۽ اسرائيلي حملن کي عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
اسحاق ڊار جي ازبڪ پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف سان ملاقات ۾ فلسطيني ڪاز لاءِ غير متزلزل حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.