ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰٰ وهاب هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ اپوزيشن پارٽي جماعت اسلامي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي هن شهر ۾ منافقت ٿيڻ نٿي ڏيندس ۽ انهن کي سخت لفظن ۾ جواب ڏيندس.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰٰ وهاب چيو ته حليم عادل شيخ چيو هو ته حب ڪئنال لڙهي ويو آهي، پر پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب حب ڪئنال جو 20 ميٽر حصو متاثر ٿيو هو جنهن جي 48 ڪلاڪن اندر مرمت ڪئي وئي ، حب ڪئنال مان پاڻي جي فراهمي گذريل ڏينهن ئي بحال ڪئي وئي هئي.
مرتضيٰٰ وهاب چيو ته سياسي اختلاف تي غلط بياني ڪئي وڃي ٿي جنهن سان شهر جو تاثر خراب ٿئي ٿو، سياست ضرور ڪريو پر ماڻهن کي ائين گمراهه نه ڪريو، شهر ۾ تاثر ڏياريو پيو وڃي ته ڪم نٿو ٿئي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڪم به ڪنداسين ۽ ڏيکارينداسين به.
سندس چوڻ هو ته شاهراههِ ڀٽو بابت هڪ هفتو اڳ واويلا وئي ته ان جو هڪ حصو ٽٽي پيو آهي، شاهراهِه ڀٽو جا 3 فيز آهن، پهريون قِيوم آباد کان شاهه فيصل ڪالوني تائين، ٻيو شاهه فيصل کان قائد آباد تائين جتي ٽريفڪ رواني آهي ۽ روزانو جي بنياد تي 11 هزار گاڏيون گذري رهيون آهن، ٽيون حصو قائد آباد کان ڪاٺوڙ تائين آهي جيڪو تعمير هيٺ آهي، شاهراهِه ڀٽو جي ٽئين حصي تي ڪم جاري آهي.
ميئر ڪراچي موجب ، شاهراههِ ڀٽو جي تعمير هيٺ حصي جو 150 کان 200 ميٽر جو حصو متاثر ٿيو، اسان وٽ هر ماڻهو انجنيئر ٿي وڃي ٿو، ڪجهه دوست شرارت لاءِ اُتي پهتا، ٻٽا معيار نه هئڻ گهرجن، جلالپور پيروالا ملتان ۾ به تعمير ٿيل موٽروي جو ڪجهه حصو پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب لڙهي ويو هو.
ميئر ڪراچي چيو ته هي جنگ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نه پر اسانجي شهر ۽ اسانجي صوبي جي جنگ آهي، منهنجا جماعتي ڀائر چوندا هئا ته اختيار ۽ وسيلا ناهن، مون ڊپٽي ميئر سلمان مراد کي چيو ته انهن کي 27 ارب ڏيو، انهن ٻئي ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ اعتراف ڪيو ته سمورا پيسا پگهارن ۾ هليا ويندا آهن، جيڪي چوندا هئا وسيلا ناهن، اوچتو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، چون ٿا سوئي گيس جو ڪم ختم ٿيو ته ڪم شروع ڪري ڏينداسين، اِهوٻڌايو ته روڊ ڪٽنگ جي مد ۾ ڪيترا پئسا خرچ ٿيا.
مرتضيٰٰ وهاب چيو ته مان خاموش رهندو هوس پر هاڻي نه رهندس، کين وائکو ڪندس، سخت لفظ استعمال ڪندس، هي منهنجي شهر جو معاملو آهي، شهر ۾ منافقت نه هلندي.
هن چيو ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جماعت اسلامي چيو ته ڪي ايم سي پارڪن کي ڪمرشل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جماعت اسلامي ئي ڪراچي جون شاهراهون ڪمرشلائيز ڪيون.
هن چيو ته ڪراچيءَ جا پارڪ چرسين جي آماجگاهه بڻجي ويا هئا، اتي غير اخلاقي سرگرميون ٿي رهيون هيون، اسان فيصلو ڪيو ته پارڪن ۾ تفريحي سرگرميون شروع ڪيون، اسان اهو معاملو ڪائونسل ۾ آندو ۽ مشاورت ۾ فيصلو ڪيو ته پارڪ بحال ڪرڻ لاءِ راندين جي سرگرمين کي بحال ڪرڻ گهرجي، باغ ابنِ قاسم بند پيو هو، اسان اتي راندين جون سرگرميون شروع ڪيون، پارڪ بحال ٿي ويو.
ميئر چيو ته عدالت ۾ جماعت اسلامي چيو ته ڪي ايم سي غلط ڪم ڪري رهي آهي، اها ئي جماعت آهي جنهن پنهنجي دور ۾ شهر جا روڊ ڪمرشل ڪيا، رود ڪمرشل ڪرڻ سبب اڄ سيوريج جا مسئلا آهن، جماعت اسلامي 2003 ۾ شهر جو ماسٽر پلان اُڊيڙي ڇڏيو هو، شهر جا سمورا رود ڪمرشل ڪرڻ جي اجازت جماعت اسلامي ئي ڏني هئي.
مرتضيٰٰ وهاب چيو ته جمهوريت ڪندڙ ماڻهو پنهنجي جماعت جي خلاف ويا، هڪ ٽائون چيئرمين پارڪ کي ڪبڊي وارن جي حوالي ڪيو، هڪ ٽائون چيئرمين پارڪ يونيورسٽي کي ڏئي ڇڏيو، ڪي ايم سي ڪنهن پارڪ ۾ انٽري فيس نٿي وٺي.
هن چيو ته مان پريس ڪانفرنس رڳو ترقياتي منصوبن تي ڪندو آهيان، جماعت اسلامي وارا رڳو ان تي ڳالهيون ڪندا آهن، اختيار ناهن، وسيلا ناهن، خدا لاءِ ناڪاري ڳالهين مان ٻاهر نڪرو.
هن وڌيڪ چيو ته حافظ نعيم الرحمان شايد لاھور هليو ويو آهيا، کيس حقيقتن جو پتو نه آهي، حافظ نعيم منهنجو وڏو آهي، توهان چئو ته مان توهان وٽ هلي ايندس، جماعت اسلامي کي ڪاوڙ ان ڳالهه تي آهي ته اسان ڇو ڪم ڪرائي رهيا آهيون.
” ڪراچي ۾ منفاقت واري سياست نه ٿيندي، جماعتي ڀائرن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آهي ته اسان شهر ۾ ڪم ڇو پيا ڪيون“
You might also like