لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران اسپورٽس مين اسپرٽ جي معاملي تي فوري ايڪشن نه وٺڻ تي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل افيئر عثمان واهلا کي معطل ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ڀارتي ٽيم اسپورٽس مين اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان موجب، ٽاس وقت به ميچ ريفري ڪپتانن کي هٿ نه ملائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
ان معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي کي آگاهه ته ميچ ريفري آءِ سي سي جي ضابطن ۽ ايم سي سي جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جنهن تي کيس فوري طور ايشيا ڪپ مان هٽايو وڃي.
ٻئي پاسي ان معاملي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر انٽرنيشنل افيئر عثمان واهلا جي طرفان فوري ايڪشن نه وٺڻ تي کيس معطل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان واھلا هن وقت دبئيءَ ۾ موجود آهي، کيس ڪرڪيٽ بورڊ طرفان فوري طور واپس گهرايو ويو.
پي سي بي چيئرمين ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه محسن نقوي ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته ”منهنجي لاءِ ملڪ جي عزت ۽ وقار کان وڏو ڪجهه به ناهي.“
پاڪ-ڀارت ميچ دوران هٿ نه ملائڻ وارو مامرو، ترت ايڪشن نه وٺڻ تي ڊائريڪٽر انٽرنيشل افيئر معطل
You might also like