”پاڪستان ايشيا ڪپ جون باقي ميچون نه کيڏندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت خلاف ميچ ۾ ٿيل رويي تي سخت ايڪشن کڻندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏھن ريفري تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ايشيا ڪپ جون باقي ميچون نه کيڏندو.
ذريعن موجب، پي سي بي آءِ سي سي کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏھن ميچ ريفري تبديل نه ڪيو ويو ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۾ وڌيڪ ڪا به ميچ نه کيڏندو.
ان حوالي سان پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو بيان به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته پي سي بي، آءِ سي سي کي شڪايت ڪئي آهي، ميچ ريفري ڪرڪيٽ جي اسپرٽ خلاف قدم کنيا.
محسن نقوي چيو ته ميچ ريفري جي طرفان آءِ سي سي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي باظابطا شڪايت ڪئي وئي آهي، پي سي بي ايشيا ڪپ مان ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ کي فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ جي ميچ دوران ٽاس کان اڳ ميچ ريفري اينڊي پاءِ ڪرافٽ ٻنهي ڪپتانن کي ٽاس کان پوءِ هٿ ملائڻ کان منع ڪيو هو، جنهن تي پاڪستان جي ٽيم مئنيجر نويد اڪرم چيما سخت تنقيد ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.