خيبر پختونخواهه ۾ فورسز جون ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 31 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جي خيبرپختونخوا ۾ 2 مختلف آپريشنن دوران 31 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 13 ۽ 14 سيپٽمبر تي سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ٻه مختلف ڪارروائيون ڪيون جن ۾ گڏيل طور ڀارتي پراڪسي فتنه الهندوستان جا 31 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز لڪي مروت ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو جتي سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 14 ڀارتي پراڪسي دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، هڪ ٻي ڪارروائي دوران بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 17 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشنز دوران سيڪيورٽي فورسز طرفان خارجين جي ٺڪاڻن کي به اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو
آءِ ايس پي آر موجب، ڪنهن به ڀارتي سرپرست خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل طور ختم ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.