اياز صادق جي پٽ تي ملڪ رياض لاءِ ڊيل ڪرائڻ جي ڪوشش جو الزام

اسلام آباد (فخر دراني) بحريا ٽائون جي باني ملڪ رياض ۽ سندن پٽ علي رياض کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي. نيب ۽ ٻيا ادارا به هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نصر من الله بلوچ جي عدالت به ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي. عدالت جوابدارن کي طلب ڪيو هو پر پيش نه ٿيڻ تي کين اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهي 15 سيپٽمبر تائين پيش نه ٿيا ته باقاعدي طور اشتهاري ملزم قرار ڏنو ويندو. ذريعن موجب بحريا ٽائون دبئي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري لاءِ غيرقانوني طريقي سان رقم ٻاهر منتقل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ سردار اياز صادق جي پٽ تي به الزام آهي ته هو ملڪ رياض لاءِ ڊيل ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ سرگرم آهي ۽ بحريا ٽائون ۾ چيف اسٽريٽجڪ آفيسر طور ڪم ڪري ٿو. سندس ڪوشش آهي ته والد ذريعي حڪومت يا رياستي ادارن سان ڪو معاهدو طئي ٿئي. ان حوالي سان حڪومت تي به دٻاءُ وجهڻ جون ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته خواجا آصف به مختلف وقتن تي بيانن ۾ اياز صادق جو نالو وٺندو رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 15 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.