اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دوحا پهچي ويو.
وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وزير خواجه آصف ۽ سڌ سماءَ وارو وزير عطا الله تارڙ به گڏ آهن
هنگامي طور سڏايل عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس اڄ دوحا ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم هڪ ڏينهن دوري تي قطر جي راڄڌاني دوحا پهچي ويو.
عرب اسلامي سربراهي اجلاس اسرائيل جي هوائي حملن، فلسطين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ فلسطيني عوام کي زبردستي بي گهر ڪرڻ جي پس منظر ۾ سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ او آءِ سي ميمبر ملڪن جا سربراهه ۽ اعليٰ عملدار پڻ شرڪت ڪندا.
واضح رهي ته اسرائيل هڪ هفتو اڳ دوحا ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو هو، حملي ۾ حماس جي مرڪزي قيادت محفوظ رهي هئي.
قطر تي اسرائيلي حملي کانپوءِ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ان حملي جي مذمت ڪئي هئي ۽ قطر سان گڏ بيهڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like