پنڊي ۾ ڊينگي خلاف مهم ۾ ڪرپشن، سينيٽري ورڪرن ۽ سپروائيزرز کي شوڪاز نوٽيس

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ڊينگي خلاف مهم ۾ ڪرپشن، ناقص ڪارڪردگي ۽ جعلي انگ اکر جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٽارگيٽ پورو نه ڪرڻ تي لڳ ڀڳ 300 سينيٽري ورڪرن ۽ سپروائيزرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، جڏهن ته ضلعي صحت اختيارين ٽي رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي، صحت کاتي جي ذريعن موجب، مهم دوران ڪيترائي اهلڪار غير حاضر رهيا، جن گذريل سال جي مهم جون تصويرون موڪلي حاضري لڳرائيندا رهيا ۽ پگهارون کڻندا رهيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۽ غير حاضري تي ملازمن خلاف پيڊا ايڪٽ تحت ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن⁠ته انهن جي غفلت سبب غلط انگ اکر جاري ٿيندا رهيا.

  1.  ڪوئيٽا ۾ اڳوڻو صوبائي وزير مولوي سرور موسيٰ خيل گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ اڳوڻو صوبائي وزير مولوي سرور موسيٰ خيل ٻه پٽن سميت گرفتار ٿي ويو، ڪوئيٽا پوليس اڳوڻي صوبائي وزير مولوي سرور موسيٰ خيل کي ٻن پٽن سميت گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته اڳوڻي صوبائي وزير مولوي سرور موسيٰ خيل مٿان سينيئر بيوروڪريٽ کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي، ان سلسلي ۾ سول لائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس سيڪريٽري مواصلات ۽ تعميرات لعل جان جعفر جي درخواست تي داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪرائيندڙ لعل جان جعفر الزام هنيو ته اڳوڻي وزير آفيس ۾ اچي اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.