اسلام آباد/بيجنگ (عوامي آواز نيوز) چيني صدر شي جن پنگ عالمي حڪمراني (Global Governance Initiative) نالي هڪ نئون منصوبو پيش ڪيو آهي، جيڪو ايس سي او ڪانفرنس دوران تيانجن ۾ سامهون آيو. ان کان اڳ به چين عالمي سلامتي، ترقي ۽ تهذيب بابت عالمي انيشيٽو متعارف ڪرايا هئا. شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته جيئن چين ترقي ڪئي آهي، تيئن دنيا جا ٻيا ملڪ به بهتر حڪمراني ذريعي ترقي ڪري سگهن ٿا. پاڪستاني ماهر حامد شريف چين ۾ ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ سان ڪم ڪيو آهي. امتياز گل جي ولاگ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته چين اڃا به پاڻ کي عالمي ڏکڻ (Global South) جو حصو سمجهي ٿو ۽ هو پنهنجي پاليسي ذريعي ترقي پذير ملڪن جي آواز کي دنيا ۾ اهم بڻائڻ ٿو چاهي. چين جي سوچ ملٽي پولر دنيا ۽ گڏيل قومن جهڙن ادارن جي احترام تي ٻڌل آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جي عالمي حڪمراني جو تصور "ون ون” (Win-Win) اصول تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هر ملڪ کي فائدو ملي سگهي پر ان سان گڏ احتياط جي ضرورت آهي ته پاڪستان جهڙا ملڪ اهڙن معاهدن ۾ پنهنجي قومي مفادن کي واضح ۽ شفاف پاليسين سان اڳتي آڻين، جيئن انهن جي وسيلن جو ضايع يا غلط استعمال نه ٿئي. حامد شريف خبردار ڪيو ته پاڪستان ۾ ادارن جي ڪمزوري ۽ سياسي ڇڪتاڻ جي ڪري گهڻا معاهدا قومي مفاد بدران فردي فائدي لاءِ ٿين ٿا، جنهن سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي. ان ڪري پاڪستان کي گهرجي ته چين هجي يا آمريڪا، هر معاهدي ۾ شفافيت، مقابلي ۽ احتساب کي يقيني بڻائي.