جسٽس عائشه ملڪ جي اسڪواڊ جي گاڏي حادثي جو شڪار

اسلام آباد (بيورو) جسٽس عائشه ملڪ جي اسڪواڊ جي گاڏي لاهور ڀرسان حادثي جو شڪار، 5 اهلڪار زخمي ٿي پيا، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه ملڪ اسلام آباد کان لاهور اچي رهي هئي ته ڪالا شاهه ڪاڪو ڀرسان جي ٽي روڊ تي اسڪواڊ جي هڪ گاڏي جو ٽائر ڦاٽڻ سبب حادثو پيش آيو، ايليٽ فورس جي گاڏي ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جن مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، زخمين ۾ عمر، عبدالله ۽ مبشر شامل آهن. حادثي ۾ جسٽس عائشه ملڪ محفوظ رهي ۽ سڪيورٽي سان گڏ اڳتي سفر جاري رکيو.

  1. پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪا به مدد نه ڪئي: ڪي پي صلاحڪار

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪو به رليف نه ڏنو آهي، پنجاب حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، اعلان به نه ڪيو آهي، بيان ۾ مزمل اسلم چيو ته 2022ع جي ٻوڏ متاثرن لاءِ اعلان ڪيل رليف پيڪيج اڃا تائين عوام کي ناهي ملي سگهيو، جڏهن ته 2005ع جي زلزلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ تباهه ٿيل عمارتن جي ٻيهر تعمير اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، مزمل اسلم موجب تازو ٻوڏ پنجاب جي ترقيءَ جون سڀ دعوائون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن، رڳو مٿان مٿان ڪجهه روڊن جي رنگ پالش ڪئي وئي آهي، پنجاب ۾ بنيادي ڍانچي تي ڪم نه ڪيو ويو، پنجاب حڪومت وفاقي امداد جي منتظر آهي ۽ وفاق آءِ ايم ايف جي اجازت جي طلگار آهي، هن چيو ته بلاول عالمي امداد ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم کي پرڏيهي دوري ۽ معاهدن مان وقت نه ملي رهيو آهي، هن صدر مملڪت جي غيرحاضري ۽ هاڻوڪي چين جي دوري کي به عوامي معاملن کان لاتعلقي جي علامت قرار ڏنو.

  1. اسحاق ڊار پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دوحا پهتو

دوحه (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قطر تي اسرائيلي حملي بابت  ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ دوحه پهچي ويو،  اسرائيل قطري گاديءَ واري شهر ۾ حماس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ پنج حماس جا ميمبر ۽ هڪ قطري سيڪيورٽي آفيسر شهيد ٿيا هئا، هن حملي جي عالمي سطح تي سخت مذمت ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي ترجمان موجب اسحاق ڊار هنگامي عرب، اسلامڪ سربراهه اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪندو، دوحه پهچڻ تي نائب وزيراعظم جو استقبال پاڪستاني سفير محمد عامر، او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ قطري اختيارين ڪيو، او آءِ سي جي 57 رڪني پليٽفارم تحت ٿيندڙ عرب-اسلامڪ سربراهه اجلاس ۾ مسلم دنيا جا سربراهه، وزيراعظم ۽ اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا، وزيراعظم شهباز شريف به ان اجلاس ۾ شامل ٿيندا.سفارتڪارن موجب، دوحه اجلاس ۾ او آءِ سي جا 50 کان وڌيڪ رڪن ملڪ شرڪت ڪندا، جتي اڳواڻ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين رياست جي قيام جي معاملي تي به غور ڪري سگهن ٿا.

  1. قطر  تي حملي باوجود اسرائيل سان لاڳاپا مضبوط آهن: آمريڪا

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو  روبيو چيو آهي ته قطر ۾ تازن واقعن تي صدر ٽرمپ ناخوش آهي، اسرائيلي حملي سبب ڳالهين تي اثر پئجي سگهي ٿو، پر ان صورتحال جو آمريڪا ۽ اسرائيل جي لاڳاپن تي ڪو فرق نه پوندو، مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته قطر اڃا تائين هن نتيجي تي نه پهتو آهي ته هو اسرائيلي حملي جي ردعمل ۾ اتحادي ملڪن کان ڪجهه گهري، هن واضح ڪيو ته آمريڪا قطر ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت نٿو ڪري، پر قطري قيادت سان لاڳاپن ۾ سٺي پارٽنرشپ موجود آهي.قطري وزيراعظم سان واشنگٽن ۾ ملاقات ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪيترن ئي معاملن ۾ اهم آهن، حماس سان منهن ڏيڻو پوندو ۽ خطي جا ملڪ به حماس کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ڇا آمريڪا اسرائيل کي قطر تي ٻيهر حملي کان روڪيندو واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر ٽرمپ جي ردعمل مان ڳالهه واضح آهي ته هن کي اهو واقعو پسند نه آيو پر روبيو وضاحت ڪئي ته آمريڪا،اسرائيل لاڳاپن تي ان جو ڪو اثر نه پوندو، اهي اڳ وانگر مضبوط رهندا، 48 يرغمالين کي فوري آزاد ڪرڻ گهرجي، پوءِ غزا جي تعمير نو جو مرحلو ايندو جنهن ۾ طئي ڪرڻو پوندو ته پئسو ڪير ڏيندو ۽ ذميوار ڪير هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.