ايشيا ڪپ: بي سي سي آءِ جا اعليٰ عهديدار پاڪ-ڀارت دنگل کان اڳ ئي منظر تان غائب

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025ع جي سڀ کان وڏي ٽاڪري يعني پاڪ –ڀارت ميچ کان اڳ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) عهديدار پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ئي غائب ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، جيتوڻيڪ ڀارت ٽورنامينٽ ميزبان ملڪ آهي،پر پاڪستان خلاف ميچ جي بائيڪاٽ مهم سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جا ڪيئي آفيسر پاڻ کي ميچ سرگرمين کان پري رکي رهيا آهن.
رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ ڪو به وڏو عهديدار دبئي نه موڪليو ويندو، ڀارتي ميڊيا ان پاليسي کي ”خاموش بائيڪاٽ“ جو نالو ڏئي رهي آهي.
چيمپيئنز ٽرافي دوران ڀارتي بورڊ جا اعليٰ ۽ اسٽيٽ ايسوسيئيشنز جا عهديدار وڏي انگ ۾ دبئيءَ ۾ موجود هئا، پر هاڻ آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه ميچ بدران آمريڪا ۾ هڪ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ جو سيڪريٽري ديوجيت سائيڪيا وومينز ورلڊ ڪپ جي تيارين جو جواز ڄاڻائي دبئي نه پيو وڃي، جڏهن ته آءِ پي ايل چيئرمين ارون ڌمال به اسٽيڊيم ۾ ميچ نه ڏسڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ جو نائب صدر ۽ اي سي سي ايگزيڪٽو بورڊ جو ميمبر راجيو شُڪلا رڳو ڀارت جي ڪاميابي جي صورت ۾ ڪئميرا تي نظر اچي سگهي ٿو. ٻين عهديدارن بابت به چيو پيو وڃي ته هو رڳو ڀارت جي امڪاني فتح کانپوءِ ئي منظرعام تي ايندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.