نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي هاءِ ڪورٽ بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن جي سڃاڻپ جي حقن کي تسليم ڪندي سندس درخواست تي ڪيترن ئي مصنوعي ذهانت (اي آءِ) پليٽ فارمز کي سندس تصويرون ۽ وڊيوز استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ايشوريا راءِ ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي هئي ته اي آءِ پليٽ فارمز کي سندس تصويرون، نالو ۽ آواز اجازت کان سواءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ڇو ته سندس تصويرن کي ايڊٽ ڪري فحش انداز ۾ شيئر ڪيو پيو وڃي.
عدالت درخواست تي سندس نالي، آواز ۽ تصويرن جي غير مجاز ڪمرشل ۽ آن لائين استحصال خلاف سخت حڪم جاري ڪندي چيو ته عدالتن کي شخصيتن جي حقن جي غير مجاز استعمال کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
جسٽس تيجس ڪاريا فيصلي ۾ چيو ته ڪنهن مشهور شخصيت جي سڃاڻپ جو بنا اجازت استعمال نه رڳو مالي نقصان جو سبب بڻجي ٿو پر انهن جي رازداري ۽ عزت جي حق کي به متاثر ڪري ٿو.
جسٽس تيجس ڪاريا چيو ته جڏهن ڪنهن مشهور شخصيت جي سڃاڻپ کي بنا رضامندي يا اجازت استعمال ڪيو ويندو آهي ته ان سان لاڳاپيل فرد کي مالي نقصان ته ٿيندو ئي آهي پر ان جي باعزت زندگي گذارڻ جي حق تي به اثر پوندو آهي.
عبوري حڪم ۾ عدالت مختلف جوابدارن کي ايشوريا راءِ جي نالي، تصوير يا شخصيت سان لاڳاپيل ڪنهن به شئي جهڙوڪ ٽي شرٽن، مگ، پوسٽر يا ڊجيٽل مواد ٺاهڻ، شيئر ڪرڻ يا وڪڻڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت مصنوعي ذهانت، ڊيپ فيڪ ٽيڪنالاجي، چهري جي تبديلي يا ڪنهن به ڊجيٽل هٿ چراند ذريعي اداڪارا بابت مواد ٺاهڻ کان به پليٽ فارمن ۽ ادارن کي روڪي ڇڏيو.
You might also like