هڪ تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دنيا ۾ تقريبن شگر جي اڌ مريضن کي پنهجي بيماري جو علم ئي ناهي، کين خبر ئي ناهي ته اهي ان مرض جو شڪار ٿي چڪا آهن.
شگر کي خاموش قاتل به چيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سالن تائين ان بيماري جون علامتون ظاهر ناهن ٿينديون، جنهن سبب اڪثر مريض بيماري جو شڪار هجڻ باوجود مرض کان بي خبر رهندا آهن.
نئين تحقيق موجب دنيا ۾ 44 سيڪڙو شگر جا اهڙا مريض آهن، جن کي پنهنجي بيماري جو علم ئي ناهي.
اهو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ”دي لينسٽ ڊائبيٽس اينڊ اينڊوڪرائنولوجي“ نالي طبي جرنل ۾ ڇپيل تحقيق ۾ سامهون آيو.
ماهرن موجب ترقي يافتا ملڪن ۾ مرض جي سڃاڻپ جي شرح بهتر آهي، جڏهن ته گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ اها شرح گهڻي گهٽ آهي، خاص طور 35 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ سڃاڻپ جي شرح انتهائي گهٽ آهي، جتي رڳو 20 سيڪڙو نوجوان پنهنجي بيمارين کان آگاهه هوندا آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوانن لاءِ معمول جي اسڪريننگ ٽيسٽن تي وڌيڪ زور ناهي ڏنو ويندو، جڏهن ته ماهر 35 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ سالياني اسڪريننگ جي تجويز ڏيندا آهن.
شگر جي علامتن ۾ گهڻي اڃ لڳڻ، هر هر پيشاب اچڻ، چٽو نظر نه اچڻ، وزن ۾ غير امڪاني لاٿ ۽ ٿڪاوٽ شامل آهي.
You might also like