ٺل (ويب ڊيسڪ) ٺل جي اي سيڪشن پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ جي حڪم تي نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ تي 12 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪري ورتو.
پوليس طرفان نعيم احمد سرڪي جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ، چاچن، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي، شاهدن ۽ گهوٽ کي نامزد ڪيو ويو آهي.
فريادي نعيم احمد سرڪي موقف اختيار ڪيو ته هن ثنا سرڪي سان هلندڙ سال 31 مئي تي حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو پر 10 جون تي رئيس بلاول نوناري جي رهائشگاهه تي ثنا سرڪي جو ٻيهر عزيز احمد سرڪي سان نڪاح ڪرايو ويو.
پوليس موجب ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي پيءُ اسد الله سرڪي، چاچي محمد ابراهيم سرڪي، عمران سرڪي، عبيدالله سرڪي، بدر الدين سرڪي، سيف الله سرڪي، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سيد باسط شاهه، شاهد رئيس بلاول نوناري، حافظ علي ۽ گهوٽ عزيز احمد سرڪي کي نامزد ڪيو ويو آهي.
نعيم احمد سرڪي ان معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي بينچ سان رابطو ڪيو هو، عدالتي حڪم تي پوليس ڪيس داخل ڪيو آهي.
You might also like