موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين ڪراچي جي موسم گرم رهندي، جڏهن ته ڪراچي ۾ چوماسي جو سلسلو 30 سيپٽمبر تائين رهندو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿي چڪيون آهن، ڏکڻ اولهه پاسي کان 15 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ گهم وڌيڪ هجڻ سبب اوچتو ڪڪر ٺهي سگهن ٿا، ڪراچي ۾ بوندا باندي يا هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب چوماسي جو ايندڙ اسپيل 5 ڏينهن ۾ شهر ۾ ڪڪر وسائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.