ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن به سون سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 3 لک 86 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 172 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 31 هزار 189 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 2 ڊالر گهٽجڻ سان 3643 ڊالر في اونس آهي.
You might also like