نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست بهار ۾ هڪ غير معمولي واقعو سامهون آيو آهي، جتي ڀارتي فوج جي اهلڪارن پنهنجي ئي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو.
فوجين مڪمل وردي ۾ احتجاج ڪندي حڪومت کي سرعام هڙتال جي ڌمڪي به ڏني.
فوجي اهلڪارن الزام هنيو ته سندن پگهارن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي، نه ئي ڪا انشورنس يا ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
سندن چوڻ هو ته جيستائين مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو، مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي ملڪ تائين وڌايو ويندو.
ڀارتي فوجي پنهنجي ئي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا، سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي ڌمڪي
You might also like