روٽ آسٽريلوي سرزمين تي سينچري هنئي ته مان ميلبورن ۾ لٽا لاهي گُمهندس: مٿيو هيڊن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي اوپنر ميٿيو هيڊن جي اڳڪٿي سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي.
اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر ميٿيو هيڊن سوشل ميڊيا تي ڳالهائيندي طنزيه اندز ۾ اِهو اعلان ڪيو ته تجربيڪار انگلش بيٽر جوءِ روٽ هن واري ايشز سيريز دوران آسٽريلوي سرزمين تي پنهنجي پهرين ٽيسٽ سينچري ضرور ٺاهي وٺندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ميٿيو هيڊن مزاحيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن جوءِ روٽ آسٽريليا خلاف سينچري اسڪور ڪري ورتي ته هو مليبورن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪپڙن کان آجو ٿي گُمهندس.
واضح رهي ته جوءِ روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 13 هزار 543 رنسون ٺاهي چڪو آهي، سندس سينچرين جو انگ 39 آهي پر هو اڄ تائين آسٽريليا ۾ سينچري ناهي ٺاهي سگهيو.
ميٿيو هيڊن جي ڌيءَ گريس هيڊن، جيڪا اسپورٽس ميزبان پڻ آهي، ان دوران چيو ته ”جوءِ روٽ مهرباني ڪري هڪ سينچري ضرور ٺاهي ڏيکار.“
ميٿيو هيڊن جي اڳڪٿي ۽ گريس جي گفتگو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دلچسپ قسم جا تبصرا جاري آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.