برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل جي اڳوڻي صدر جائير بولسونارو تي فوجي بغاوت جي منصوبابندي جو الزام ثابت ٿيڻ تي 27 سال ۽ ٽي مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
برازيل جي سپريم ڪورٽ ۾ پنج ججن جي پئنل اڳوڻي صدر کي ڏوهاري قرار ڏيڻ کان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سزا ٻڌائي.
پنج رڪني بئنچ مان چئن ججن کيس قصوروار قرار ڏنو، جڏهن ته هڪ جج کيس سڀني الزامن مان آجو ڪرڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته سال 2022ع جي چونڊن ۾ هارائڻ کانپوءِ هن اقتدار ۾ رهڻ لاءِ سازش ڪئي.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب، بولسونارو 2033ع تائين ڪنهن به عوامي عهدو لاءِ چونڊ نه وڙهي سگهندو.
گهر ۾ نظر بند اڳوڻو صدر بولسونارو ان موقعي تي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، پر ماضي ۾ هن چيو هو ته کيس 2026ع واري صدارتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ الزام مڙهيا ويا آهن.
فيصلي تي ردعمل ڏيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اهو (فيصلو) ” ڏاڍو حيرت جوڳو“ لڳو.
هن ان فيصلي جي ڀيٽ پنهنجي تجربي سان ڪندي لکيو ته ” اهو بلڪل ائين آهي جيئن مون خلاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.“
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو ته برازيل جي سپريم ڪورٽ ”اڳوڻي صدر بولسونارو کي قيد ڪرڻ وارو غير منصفاڻو فيصلو ٻڌايو“۽ ڌمڪي ڏني ته هو ”ان جو جواب ڏيندا.“
برازيل جي پرڏيهي کاتي ايڪس تي جواب ڏيندي لکيو ته ”مارڪو روبيو طرفان ڏنل ڌمڪي ۽ اهڙيون ٻيون ڌمڪيون اسان جي جمهوريت کي ڊيڄاري نه ٿيون سگهن.“
You might also like