سڄي دنيا ڪروڙين ماڻهو روزانو مصنوعي ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) چيٽ بوٽ چيٽ جِي پِي ٽِي استعمال ڪن ٿا.
پر ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته هر روز واهپيدارن طرفان چيٽ بوٽ کان ڪيترا سوال پڇيا وڃن ٿا يا ان کي مختلف ڪم ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو؟
ان جو جواب دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهي ۽ هڪ رپورٽ موجب، چيٽ جي پي ٽي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ اَي آءِ ٽولز مان هڪ آهي.
روزانو چيٽ جي پي ٽي کي اڍائي ارب کان وڌيڪ درخواستون (سوال، تصويرون ٺاهڻ يا ٻيا ڪم) ملن ٿا، رڳو آمريڪا مان ئي ماڻهو روزانو 33 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا چيٽ جي پي ٽي سان ڪنهن نه ڪنهن ڪم لاءِ رابطو ڪن ٿا.
ڊيٽا مان ظاهر ٿئي ٿو چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪندڙ ساليانو هن اَي آءِ ٽول کان 912 ارب کان وڌيڪ درخواستون ڪن ٿا.
اوپن اَي آءِ جي هڪ ترجمان به رپورٽ ۾ ڏنل انگن اکرن جي تصديق ڪئي آهي.
جيڪڏهن چيٽ جي پي ٽي اڃا به گوگل جي سالياني 5 هزار ارب کان وڌيڪ سرچز واري رڪارڊ کان گهڻو پري آهي، پر ان جي استعمال ۾ تيزيءَ سان واڌرو سرچ ڪمپني لاءِ خطري جو باعث بڻجي رهيو آهي.
رپورٽ موجب، رڳو ڪجهه مهينن اندر ئي چيٽ جي پي ٽي کي هر هفتي استعمال ڪندڙ ماڻهن جو انگ 30 ڪروڙ (ڊسمبر 2024) مان وڌي 50 ڪروڙ (مارچ 2025) تائين وڌي ويو آهي.
هي انگ اکر اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن جولاءِ جي شروعات ۾ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اوپن اَي آءِ ڪجهه هفتن ۾ اَي آءِ تي ٻڌل ويب برائوزر آڻڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا آهن.
اِهو ويب برائوزر سڌو سنئون گوگل ڪروم سان مقابلو ڪندو، جڏهن ته تازو ئي اوپن اَي آءِ چيٽ جي پي ٽي ايجنٽ به متعارف ڪرايو هو، جيڪو ڪمپيوٽر تي توهان لاءِ مختلف ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
You might also like