بلاول جو حڪومت کان ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عالمي ادارن کي اپيل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاق طرفان ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري اعلان جي آجيان ڪئي آهي.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته وفاق متاثر ضلعن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي رليف جو اعلان نه ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم يقين ڏياريو هو ته متاثرن کي بي آءِ ايس پي وسيلي رليف ڏنو ويندو.
بلاول ڀٽو چيو ته وفاق طرفان بين الاقوامي امداد لاءِ اپيل ۾ دير سمجهه کان ٻاهر آهي، اهڙين آفتن دوران سڄي دنيا ۾ امداد جي اپيل هڪ عام روايت هوندي آهي.
هن ياد ڏياريو ته 2022ع واري ٻوڏ دوران جڏهن هو پرڏيهي وزير هو، تڏهن به عالمي امداد لاءِ اپيل ڪئي وئي هئي، اهڙي طرح 2010ع واري ٻوڏ ۽ 2005ع جي زلزلي ۾ به اپيلون ڪيون ويون هيون.
سندس چوڻ هو ته دنيا جا ملڪ اهڙين آفتن ۾ 72 ڪلاڪن اندر عالمي برادري کان مدد جي اپيل ڪندا آهن، اپيل نه ڪري لکين متاثرن کي رليف کان محروم رکڻ جو ڪو جواز ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عالمي امداد لاءِ اپيل فوري ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ صوبائي اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٺهراءَ پيش ڪيا ويندا.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ زراعت واري وزير سان ملاقاتن ۾ زرعي برادري جي مدد بابت ڳالهيون ٿيون آهن، ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ زراعت متاثر ٿي آهي، اميد آهي وفاق به ان شعبي جي بحالي لاءِ قدمن ۾ ڀرپور مدد ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.