ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي طالبان حڪومت سينيئر ڀارتي سفير هريش ڪمار کي مُلڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هريش ڪمار تي الزام آهي ته هو طالبان مخالفن سان ملاقاتون ڪري کين منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
افغان ميڊيا ذريعن جي حوالي ڄاڻايو آهي ته هريش ڪمار کي ” ناپسنديده شخصيت“ قرار ڏيندي 17 آگسٽ تي ڪابل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ذريعن موجب، هريش ڪمار ڪابل ۾ اڳوڻي افغان حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڀارتي سفير ۽ انٽيليجنس آفيسر طور مقرر هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 16 آگسٽ تي طالبان اختيارين ڀارتي سفارتخاني جي عملي کي طلب ڪري هريش ڪمار جي بيدخلي واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب، طالبان جي فيصلي جي ٻئي ڏينهن هو نئين دهلي روانو ٿي ويو، ڀارتي سفارتخاني طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به تبصرو سامهون ناهي آيو.
طالبان مخالفن سان ملاقاتن جو الزام، افعان حڪومت ڀارتي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي
You might also like