مشهور ڀارتي اداڪارا ” ڪرشما “ هلندي ٽرين مان ٽپو ڏئي ڇڏيو، مرڻينگ حالت ۾ هٿ، اسپتال داخل

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ڪرشما شرما هلندي ريل مان ٽپو ڏيڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ، مشهور ويب سيريز”راگني ايم ايم ايس ريٽرنز“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا لوڪل ٽرين ۾ دوستن سان گڏ سفر ڪري رهي هئي، پر حادثي دوران کيس سخت زخم رسيا آهن.
ڪرشما شرما پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسپتال مان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي واقعي بابت ٻڌايو ته سندس دوست ڪنهن سبب ڪري ٽرين تي سوار نه ٿي سگهيا ۽ جڏهن ٽرين هلڻ لڳي ته هن ڊپ وچان ٽرين مان ٽپو ڏنو، جنهن سبب هوءَ سخت زخمي ٿي پئي آهي.
اداڪارا موجب، سندس چيلهه ۾ ڌَڪ لڳا آهن، مٿو به سوڄي ويو آهي، هن مداحن کان درخواست ڪئي آهي ته هو سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.