چينگ ڊو (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چين جي سرڪاري دوري تي چينگ ڊو پهچي ويو، جتي چين جي نائب پرڏيهي وزير سن وي ڊونگ ۽ سيچوان جي نائب گورنر هوانگ ريشيا سندس آجيان ڪئي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل بيان موجب،پاڪستاني سفير خالد هاشمي ۽ چيني سفير جيانگ زي ڊونگ به موقعي تي موجود هئا،ان دوري لاءِ چيني سفير به خاص طور چينگ ڊو پهتو.
ايوان صدر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ مقرر ٿيل چيني سفير صدر جي دوري دوران ساڻس گڏ هوندو.
چين جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري چيني قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو، جن ۾ پاڪ–چين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت ڳالهيون ٿينديون.
You might also like