لاهور (ويب ڊيسڪ) صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي( پي ڊي ايم اي) پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي .
رپورٽ موجب، ٻوڏ دوران مختلف حادثن ۾ 97 شهري حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته راوي، ستلج ۽ چناب درياهه ۾ آيل ٻوڏ سبب 4500 کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا.
رليف ڪمشنر جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته چناب ۾ درياهه ٻوڏ سبب 2334 ڳوٺ، ستلج ۾ ٻوڏ جي ڪري 672 ڳوٺ، جڏهن ته راوي ۾ درياهه آيل ٻوڏ سبب 1482 ڳوٺ متاثر ٿيا.
ٻوڏ صورتحال سبب مجموعي طور 44 لک 98 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، جن مان 24 لک 51 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، متاثر علائقن ۾ 396 رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون، جڏهن ته 19 لک هڪ هزار چوپايو مال به محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ويو.
You might also like