يو اي اي اسرائيل کي ايئر شو ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) قطر تي اسرائيل جي هوائي حملي جي پس منظر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ ايئر شو ۾ اسرائيل کي شرڪت نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
اسرائيلي اخبار ”ٽائيمز آف اسرائيل“ انڪشاف ڪيو آهي ته گڏيل عرب امارتن اسرائيل کي نومبر ۾ ٿيندڙ ايئر شو ۾ شرڪت کان روڪي ڇڏيو آهي.
اخبار جي رپورٽ موجب، گڏيل عرب امارتن اسرائيلي دفاعي اسٽيبلشمينٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ان ايئر شو ۾ اسرائيل جا لاڳاپيل شعبي جون ڪمپنيون شرڪت نه ڪري سگهنديون.
اماراتي حڪومت اسرائيل کي ان فيصلي بابت ڪا به سرڪاري وضاحت نه ڏني آهي، پر اسرائيلي اختيارين کي اندازو آهي ته ان پاپنديءَ جو ڪارڻ قطر تي اسرائيلي حملو آهي.
ٻئي پاسي گڏيل عرب امارتن قطر تي حملي کان پوءِ اسرائيلي سفير کي به طلب ڪيو.
ياد رهي ته اسرائيل 9 سيپٽمبر تي قطر جي گادي واري هنڌ دوحا تي فضائي حملي ڪيو هو، جنهن ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي مرڪزي قيادت کي نشانو بڻايو ويو هو، پر حماس جي قيادت ان حملي ۾ محفوظ رهي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.