ڪراچي: 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي هڪ عدالت 4 نابالغ ڇوڪرين سان لڄالٽ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار کي پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
جمعي ڏينهن پوليس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار کي گذريل ڏينهن قيوم آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس فون مان ڪيترين ئي وڊيوز به هٿ آيون آهن.
واضح رهي ته آچر ڏينهن ڊفينس ٿاڻي جي اهلڪارن قيوم آباد مان هڪ شربت کپائيندڙ همراهه کي ان وقت گرفتار ڪيو، جڏهن ماڻهو کيس تشدد جو نشانو بڻائي رهيا هئا.
پوليس موجب، ريڙهي تي شربت کپائيندڙ همراهه خلاف ٻن ڀينرن سميت چئن نابالغ ڇوڪرين سان لڄالٽ جا ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

متاثر خاندانن ۽ پوليس جا بيان
واقعي جي هڪ فريادي عمران ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ته هو رنگ جو ڪم ڪندو آهي، سندس زال جو چوڻ آهي ته سندن ست ورهين جي ڌيءَ رات جو ٻاهر وئي هئي ۽ واپس اچي جسم ۾ شديد سور جي شڪايت ڪئي.
جاچ ڪرڻ تي نينگري ٻڌايو ته شربت واري ريڙهي تي ويهندڙ هڪ ڇوڪرو ساڻس ” غلط ڪم ڪري ٿو“ . ٻئي ڪيس ۾ محمد بلال ٻڌايو ته هو مزدوري ڪري گذر سفر ڪري ٿو ۽ پنهنجي 10 ورهين جي ڀيڻ سان قيوم آباد ۾ رهندو آهي. سندس ڀيڻ ڪجهه ڏينهن کان پريشان هئي ۽ نيٺ ٻڌايو ته هڪ ريڙهي وارو ساڻس نامناسب حرڪت ڪئي آهي ۽ هو پهريان به ائين ڪندو رهيو آهي.
ٽئين ڪيس ۾ محمد رياض چيو ته سندس 10 ۽ 12 ورهين جون ٻارڙيون پريشان نظر هيون. جاچ ڪرڻ تي پتو پيو ته شربت وارو ڇوڪرو ٻنهي ڀينرن سان نه رڳو غلط حرڪتون ڪري ٿو پر وڊيوز به ٺاهي رهيو هو.
سئو کان مٿي ڇوڪرين سان اڻ وڻندڙ حرڪتن جو انڪشاف
سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد موجب شروعاتي جاچ ۾ پوليس کي ڄاڻ ملي آهي ته جوابدار لڳ ڀڳ 100 ڇوڪرين سان اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪري چڪو آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار ايبٽ آباد جو رهواسي آهي ۽ گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڪراچي ۾ رهي پيو، پوليس ان وٽان موبائل فون هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ ڪيترين ئي وڊيوز موجود آهن ۽ هن وقت تائين ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
سعديه جاويد چيو ته پوليس ڪوشش ڪري رهي آهي ته وڊيوز ۾ نظر ايندڙ ڇوڪرين جي والدين تائين پهچ حاصل ڪري وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا وڃن ته جيئن مضبوط ڪيس ٺهي سگهي، ٻئي پاسي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي والدين کي قانوني، طبي ۽ نفسياتي سهائتا ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

پوليس جي جاچ
ڊفينس ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام نبي آفريدي جو چوڻ آهي ته هڪ نينگري جوابدار جي گهر مان يو ايس بي دڪان تي کڻي وئي، دڪاندار سمجهيو ته ان ۾ گانا هوندا، پر کولڻ تي اڻ وڻندڙ وڊيوز مليون، دڪاندار ترت پنهنجي مالڪ کي ٻڌايو، مالڪ ستت شربت واري وٽ پهتو جنهن کانپوءِ پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايڇ او موجب، جوابدار جاچ دوران اعتراف ڪيو ته هو اٽڪل 100 ڇوڪرين سان اهڙيون حرڪتون ڪري چڪو آهي، وڊيوز ۾ ڇوڪرين جا نالا ۽ پنهنجو نالو به لکندو هو ۽ کين پورن فلمن جهڙيون حرڪتون ڪرائيندو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڇوڪرين کي 100–200 رپين جي لالچ ڏئي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويندو هو ۽ اتي نامناسب حرڪتون ڪندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.