جوهي ( ن ع آ ) جيئي سنڌ قومي محاذ شھيد بشير خان قريشي سنڌ جو چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته وڏي سرڪار ڪمپنين جي نالي تي سڄي سنڌ اندر 12 لک 60 هزار ايڪڙ زمين جيڪا سنڌين جي ذاتي ملڪيت آھي اهي ڪمپنين جي نالي ڪري سنڌي ماڻھن سان تاريخي ويساھ گهاتيون پيا ڪن, اهڙو اظهار هن جوهي ۾ قومي ڪارڪن ڪامريڊ قربان کوکر سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آهي ,هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سڀ کان اڳ جيئي سنڌ قومي محاذ شھيد بشير قرشي ٻه وڏا ڌرڻا هنيا آھن سنڌ اندر برساتن پوڻ ڪري ڪاڇو ڪچو ٿر ڪوستان ڪارونجهر آباد ٿيندا مگر سنڌ جا حڪمران ان نٿا چاهن ته سنڌ آباد رهي هٿ سان سنڌ جي بندن کي ڪٽ ھڻائي ڪروڙين سنڌي ماڻھن کي بي گهر پريشان ڪري ٻاهرين ملڪن کان ملندڙ ڊالر فنڊ پاڻ ھڙپ ڪن ٿا ۽ ھاڻ پ پ حڪمرانن برساتي پاڻي ۽ ٻوڏن کي روزگار جو هڪ ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي ، هن چيو ته پ پ سنڌ اندر ايتري ڪرپشن ۽ بدامني بيروزگاري ڪرائي آھي جو عوام ذھني دٻاء جو شڪار بڻجندو پيو وڃي, ان موقعي تي ضلع آرگنائيزر محمد رمضان پنهور ساڻس گڏ هيو,